صدرالدين شاهه مولانا

صدرالدين شاهه، مولانا: نامور عالم، تحريڪ آزادي جي اهم اڳوان ۽ ايڊيٽر مولوي صدر الدين شاهه ولد شرف الدين شاهه جو جنم 1328هه/1910ع ڌاري مرادپور (جونگل)، ضلعي جيڪب اباد ۾ ٿيو. پاڻ جونگل جي مولانا در محمد وٽ پڙهي فارغ التحصيل ٿيو، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد صحافت سان سلهاڙجي ويو. هن جيڪب آباد مان هفتيوار اخبار ‘تنظيم’ جاري ڪئي، جنهن جا ڪيترائي شمارا شايع ٿيا. جڏهن سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ واري تحريڪ شروع ٿي ته مولانا صدر الدين شاهه ان تحريڪ ۾ شامل ٿي پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سندس ئي ڪوششن سان 1936ع ۾ مرادپور ۾ ‘سنڌ آزاد ’ مسلم پارٽيءَ جو بنياد پيو، جنهن جو پاڻ صدر بڻجي سنڌ جي آزاديءَ تائين پاڻ پتوڙيندو رهيو. ان کانپوءِ جڏهن ‘ڪانگريس’ ۽ ‘مسلم ليگ’ مذهبي بنياد تي وطن جي آزاديءَ لاءِ هلچل شروع ڪئي ته پاڻ مسلم ليگ ۾ شموليت ڪري ملڪ جي ورهاڱي تائين پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. مولوي صدرالدين 1395هه/ 1975ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو